SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪلازوٽز جو جنگي نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڪلازوٽز جو جنگي نظريو

Clausewitizian Doctrine

ڪلازوٽزين ڊاڪٽرين

جنگي علمن جوعالمي شهرت يافته ماهر ،جنرل ۽ دانشور ڪارل وان ڪلازوٽز (1780ع کان 1831ع) اڳوڻي پروشيا ۾ پيدا ٿيو ۽ هُن جرمنيءَ جي جديد جنگي حڪمت عملي جوڙڻ جي سلسلي ۾ شاندار تحقيق ڪئي. پنهنجي انهيءَ عظيم تحقيقي جاکوڙ ذريعي ڪلازوٽز، جنگ کي گهڻ رُخي پاليسين جي مجموعي جو درجو ڏنو ۽ جنگ ۾ اخلاقي، معاشرتي ۽ سياسي نُڪتن کي اجاگر ڪيو. ڪلازوٽز جي جنگي موضوع تي ڪيل تحقيق On War جي عنوان سان اڄ به تمام گهڻي مشهور آهي. انتهائي ڏُکي ۽ پيچيده جنگي صورتحال ۾ به ڪلازوٽرجو نظريو ضرور اڳيان رکيو ويندو آهي. ڪلازوٽز جي نظريي مطابق، ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن معاشرتي ۽ سياسي پاليسيون ڪنهن ٻئي ملڪ سان جنگ وڙهڻ واريون هجن ۽ انهن ٻنهي ملڪن ۾ جنگ به لڳي وڃي، ته اُها جنگ تيستائين هلندي رهندي، جيستائين معاشرتي ۽ سياسي پاليسيون تبديل نٿيون ٿين. ڪلازوٽز جي نظريي کي هاڻوڪي افغانستان جي حالتن تحت تمام وڏو ۽ پڌرو سچ مڃيو وڃي ٿو. محققن مطابق افغانستان مان يونين جڏهن پنهنجون فوجون واپس گهرايون ته افغانستان تي انهن ئي ماڻهن حڪومت شروع ڪئي، جن جي سياست ۽ معاشرتي سوچ جنگ جوٽڻ واري هئي. 11/9 جي حملي کانپوءِ ڪولن پاول، (آمريڪا جو اڳوڻو سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ افغانستان تي حملي جي رٿابندي ڪندڙ عملدار) ڪلازوٽز جي نظريي کي بيان ڪندي چيو هو: ”افغانستان ۾ هاڻي جنگ وڙهڻ کان سواءِ، ماڻهن جي سوچ به بدلائڻي پوندي.“هيءَ ڳالهه هُن ڪلازوٽز جي نظريي کي اڳيان رکندي ڪئي. ڪلازوٽز بُنيادي طور جدليات (Dilectics) جي نظريي ۾ يقين رکندڙ ۽ جنگ جي صورت ۾ ڏاهپ ڀريا فيصلا ڪرڻ جي وڪالت ڪندڙ دانشور هو. سندس خيال هو ته جنگ هڪ دفعو ڇڙي پوي ته اُن کي محدود ڪرڻ ڏاڍو مُشڪل آهي. سندس مشهور چوڻي آهي ته: ”جنگ رڳو هڪ سياسي عمل ناهي، پر سياسي محرڪ، سياسي لاڳاپن جو تسلسل ۽ سياسي معاملن جو ٻين رُخن ذريعي حل ڳولڻ لاءِ هڪ رستو به آهي.“


Remember Me Also:

ڪرڻو

ذ. خارش ، کنهار. جسم تي خارش پيدا ڪندڙ هڪ قسم جي بيماري ، سُرڻو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal